عبدالله خان مگسي

عبدالله خان مگسي

عبدالله خان مگسي

عبدالله خان مگسي: مشهور اديب عبدالله خان ولد ڌڻي بخش مگسي، تعلقي ۽ ضلعي دادو جي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾، 17 ڊسمبر 1947ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ انگريزي تعليم پرمانند پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ بي. اي ۽ ايم. اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ورتائين.عبدالله خان 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري نوابشاهه ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر جو عهدو ماڻيائين. نوابشاهه ۾ رهندي ڪافي تحقيقي ۽ تاريخي مقالا، ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون لکيائين. جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. هن جي گهڻي صحبت حامد علي خانائيءَ سان هوندي هئي. جو قريشي صاحب پڻ ساڳئي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو هو.
عبدالله خان مگسي ڪيترين علمي، ادبي ۽ تاريخي تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر ٿي رهيو. جن مان سنڌ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) ضلعي نوابشاهه جو صدر، نوابشاهه هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي جو عهديدار، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر، ميان يار محمد ڪلهورو يادگار ڪاميٽيءَ جو عهديدار، ڪاڇو بچايو تحريڪ جو ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن، سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن (سگا) جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر پڻ رهيو. عبدالله خان ڪيترن ئي علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. جنهنڪري سندس دوستيءَ جو حلقو پڻ وسيع هو. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبي جا دوست اڄ به کيس ياد رکيو پيا اچن.
عبدالله خان مگسيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو’، ‘تاريخ جو جديد مطالعو'>سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو’ ۽ ‘جان جان هئي جيئري’ قابل ذڪر آهن. ٻيا به ڪيترائي مقالا ۽ مضمون ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن.
عبدالله خان مگسي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. جنهنڪري نوابشاهه کان بدلي ڪرائي پنهنجي اباڻي ڳوٺ دادوءَ ۾ ڪاليج ۾ مقرر ٿيو. ٿوري عرصي کانپوءِ کيس موت مهلت نه ڏني. هن 1 اپريل 1993ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، پير محمد مراد ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.12.17  عيسوي

مشهور اديب عبدالله خان ولد ڌڻي بخش مگسي، تعلقي ۽ ضلعي دادو جي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾، 17 ڊسمبر 1947ع تي ڄائو.


1993.04.01  عيسوي

عبدالله خان مگسي 1 اپريل 1993ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، پير محمد مراد ۾ دفن ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رزاق سهتو
ريٽا شهاڻي
روپ ڪمار گھايل
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
جمال رند
ڏيپلائي محمد علي
غلام حسين شيخ
رعنا شفيق
چرن داس گُر سهاڻي
حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون